شيل گئس

شيل گئس

شيل گئس

شيل گئس: هي قدرتي گئس جو هڪ قسم آهي، جيڪو زمين اندر سنهي واريءَ جي ذرن ۽ مٽيءَ سان ٺهندڙ تهه دار ٽڪرن يا دڙن مان حاصل ڪيو وڃي ٿو. آمريڪي توانائي کاتي جي رپورٽ موجب هن گئس جو دنيا جي 32 ملڪن ۾ 5760 ٽريلين مڪعب فوٽ (10 کرب مڪعب فوٽ) جو ذخيرو موجود آهي. جيڪو آمريڪا ۾ شيل گئس جي موجوده ذخيرن جي ستين حصي جيترو آهي. هن گئس جا وڏا ذخيرا شمالي آمريڪا ۾ 1931، چين ۾ 1275، جنوبي آمريڪا ۾ 1225، ميڪسيڪو ۾ 681، يورپ ۾ 639 ٽريلين مڪعب فوٽ آهن.
هيءَ گئس پولينڊ ۾ تمام گهڻي، ذخيرن جي صورت ۾ موجود آهي. جنوبي آفريڪا ۾ 485 ۽ ڀارت ۾ 63 ٽريلين مڪعب فوٽ شيل جا ذخيرا موجود آهن. ان کانسواءِ لبيا، ارجنٽائن، جنوبي آمريڪا ۽ الجزائر ۾ به هي گئس گهڻي مقدار ۾ موجود آهي. آمريڪي اداري اِي. آءِ. اَي (Energy Information Administraion) جي رپورٽ موجب پاڪستان جي 70 سيڪڙو علائقن ۾ هي گئس موجود آهي. آمريڪا جي هڪ اداري جي رپورٽ مطابق پاڪستان جا جنوبي حصا ۽ سنڌ طاس وارا علائقا گئس ۽ تيل جي ذخيرن سان مالامال آهن. کوجنا ڪندڙ ڪمپنيءَ جو چوڻ آهي ته تيل ۽ گئس جا اهي ذخيرا ٿر جي علائقن ۾ ظاهر ٿيا آهن. 2013ع ۾ پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ ۽ هڪ غير ملڪي ڪمپنيءَ اي. اين. آءِ ۾ شيل گئس جي ڳولا جي سلسلي ۾ کوهن جي کوٽائيءَ لاءِ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جو معاهدو ٿيو هو. جنهن تحت انهي ڪمپنيءَ کي ملڪ ۾ پنهنجي ٽن پائليٽ منصوبن تحت سنڌ ۽ پنجاب ۾ 110 کوهن جي کوٽائي ڪرڻي هئي. ان سلسلي ۾ سنڌو درياهه جي 45000 هزار ڪلو ميٽرن جي ايراضيءَ تي 364 کوهه کوٽيا ويا، جن مان 155 کوهن مان حاصل ڪيل گئس جي نمونن ۾ 4 کان 5 ٽريلين معڪب فوٽ شيل گيس جي ذخيرن جو اندازو لڳايو ويو آهي. سنڌ ۾ هن گئس جي موجودگيءَ جي ڄاڻ پوڻ تي حڪومت پولينڊ جي هڪ ڪمپنيءَ سان رابطو ڪري شروعات ۾ 100 کوهن جي کوٽائيءَ جو منصوبو جوڙيو آهي، جنهن تي اندازن 3 سو ارب پنجاهه ڪروڙن جي سرمائيڪاري ڪئي ويندي. هن گئس کي زمين مان ڪڍڻ واري طريقي کي هائيڊرو فريڪنگ (Hydro Fracking) چيو وڃي ٿو. هن گئس جي کوٽائيءَ مهل پاڻيءَ جو استعمال تمام گهڻي مقدار ۾ ٿيندو آهي. کوٽيل کوهن ۾ سوين گيلن پاڻي وڌو ويندو آهي ته جيئن پٿريلي زمين نرم ٿئي ۽ ان ۾ موجود تيل يا گئس ظاهر ٿئي.
تازو ڪئناڊا جي هڪ ڪمپنيءَ ان مسئلي جي حل لاءِ گئس فريڪ (Gas Frac) جي ماهرن جي مدد سان پاڻيءَ جي بدلي ايل. پي. جي (ليڪوئيڊ پٽروليم گئس) کي استعمال ڪيو آهي. اتي ايل. پي. جي کوهن ۾ وڌي وڃي ٿي. هيءَ گئس پٿر ۽ مٽيءَ ۾ جذب ٿي وڃي ٿي. جنهن سبب زمين اندر موجود پاڻيءَ جي ذخيرن کي به ڪو نقصان نه ٿو رسي ۽ هيءُ طريقو پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ سستو ثابت ٿيو آهي. هڪ اندازي موجب قدرتي گئس جي کوهه جي کوٽائي لاءِ 12 ملين ڊالر خرچ اچي ٿو، پر شيل جي کوٽائيءَ لاءِ هڪ کوهه تي 17.5 ملين ڊالر خرچ ٿين ٿا. قدرتي گئس جي کوهه جي پيداواري مدت 25 کان 30 سال، جڏهن ته شيل گئس جي کوهه مان 40 سالن تائين ذخيرن کي استعمال ڪيو ويندو. ايس. ڊي. پي. آءِ (Sustainable Development Policy Institute) جي رپورٽ موجب پاڪستان 10 ڊالر ايم. ايم. بي. ٽي. يو جي لاڳت سان ملڪ اندر هي گئس ڪڍي سگهي ٿو. ماهرن موجب پاڪستان ۾ هن گئس جا گهٽ ۾ گهٽ 51 کان 100 ٽريلين مڪعب فوٽ ذخيرا موجود آهن. ان حساب سان پاڪستان دنيا ۾ ان گئس جي ذخيرن جي ڪري سترهين نمبر تي آهي.
هن گئس جي حاصلات کانپوءِ ملڪ ۾ ايندڙ 5 کان 10 سالن ۾ گئس جي مجموعي پيداوار موجوده پيداوار کان 4 ڀيرا وڌي ويندي، جيڪا ملڪ جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.


لفظ شيل گئسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو